ستيارٿ پرڪاش

ستيارٿ پرڪاش

ستيارٿ پرڪاش

ستيارٿ پرڪاش (ڪتاب): هيءُ آريه سماجين جو مشهور (اعتراضي) ڪتاب آهي، جنهن ۾ ويدن جي علم کي پکيڙڻ ۽ ڀڳوان جي صفتن کي بيان ڪيو ويو. ڪتاب جو ليکڪ آريا سماج جو پايو وجھندڙ مهرشي سوامي ديانند سرسوتي مهراج هو. ڪتاب اصل هندي زبان ۾ هو، جنهن جو سنڌي ترجمو، پنڊت جيوڻ لعل آريه اپديشڪ، پروفيسر تاراچند ڏيئومل گاجرا، گڻپتراءُ باپو راءِ گوري آريا گڏجي ڪيو. هن ڪتاب کي چوڏهن بابن ۾ ورهايو ويو آهي، جنهن مان ڏهه باب پهرئين ڀاڱي ۾ ۽ چار باب ٻئي ڀاڱي ۾ ڏنا ويا آهن. آخري ٻه باب عيسائين ۽ مسلمانن جي مذهبن تي مشتمل آهن، جن ۾ ٻنهي مذهبن کي نهايت تلخ ۽ سخت انداز ۾ ننديو ويو آهي. ڪتاب جي شايع ٿيڻ کان پوءِ عيسائين ۽ مسلمانن طرفان وڏا اعتراض ٿيا، جن جا انتهاپسند هندن طرفان جواب به شايع ٿيندا رهيا. مسلمانن طرفان محمد عثمان ڏيپلائي ۽ محمد خان غني ’ڪفرناس بجواب ستيارٿ پرڪاش‘ جي عنوان سان ۽ ’صداقت القرآن بجواب ستيارٿ پرڪاش‘ جي عنوان سان ٽن جلدن ۾ محمد بخش واصف، سال 1943ع ۾ جواب ڏنا. اڳتي هلي ڪتاب جا آخري ٻه باب ضبط ڪيا ويا ۽ هاڻي اِن ڪتاب جا فقط ٻارهن باب شايع ٿين ٿا.
هيءُ ڪتاب سال 1937ع ۾ شريمتي آريه پرتينڌي سڀا، سنڌ، ڪراچيءَ ڇپائي پڌرو ڪيو هو. رائل سائيز ۾ ڇپيل 922 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 140 روپيا آهي.


لفظ ستيارٿ پرڪاشھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو